جاويد قاضي

جاويد قاضي

جاويد قاضي

جاويد قاضي:برک صحافي، ڪالم نگار ۽ وڪيل جاويد قاضي، مشهور محب وطن سياستدان ۽ هاري اڳواڻ، قاضي فيض محمد جو فرزند آهي. هن 02 مئي 1964ع تي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. سندس والد قاضي فيض محمد نه صرف هاءِ ڪورٽ سنڌ جو وڏو وڪيل هو. پر سندس شمار سنڌ جي ساڃاهه وند اديبن ۽ هاري تحريڪ جي اڳواڻن ۾ ٿئي ٿو. قاضي فيض محمد جا ٽي ناول، آتم ڪٿا ۽ ٻه شاعريءَ جا ڪتاب ڇپيل آهن. جاويد قاضي پرائمري تعليم نوشهري فيروز مان حاصل ڪئي. ميٽرڪ 1979ع ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري مان، انٽر گورنمينٽ ڪاليج موري (1981ع) مان ۽ بي. اي (انجنيئرنگ) مهراڻ يونيورسٽي ڄامشوري مان 1988ع ۾ڪيائين. سدائين پهريون نمبر کڻندڙ جاويد قاضيءَ DABP جو ڪورس انسٽيٽيوٽ آف بينڪرس آف پاڪستان مان 2000ع ۾ ۽ ايل ايل بي جي ڊگري يونيورسٽي آف لنڊن (ايڪسٽرنل) مان 2009ع ۾ ڪئي. جاويد قاضيءَ جا سياسي، سماجي، ادبي ۽ ثقافتي مسئلن تي ڪالم، تجزيا، پروفائيل، انٽرويو، اڀياس، تبصرا وغيره اخبارن، رسالن ۽ مئگزينن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. گذريل پندرهن سالن کان سنڌي ٻوليءَ جي اهم ڪالمسٽ طور سڃاتو وڃي ٿو.


لفظ جاويد قاضيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.05.02  عيسوي

جاويد قاضي: ناليوارو صحافي ، ڪالم نگار ۽ وڪيل جاويد قاضي ، مشهور محب وطن سياستدان ۽ هاري اڳواڻ ، قاضي فيض محمد جو فرزند آهي . هن 02 مئي 1964ع تي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عمر شريف
بخشل ٿلهو
شاهه محمد دودائي
قربان علي عباسي
ديبلي ابو موسيٰ
راجيش ڀاردواج
صغران بي بي
احمد مجتبيٰ غالب
اسد الله ڀٽو پروفيسر
ڀڳت سترامداس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون